شرح ارشاد النحو (قلمي نسخو)

شرح ارشاد النحو (قلمي نسخو)

شرح ارشاد النحو قلمي نسخو

شرح ارشاد النحو (قلمي نسخو): هي عربي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي نسخو شهاب الدين دولت آباديءَ جي ڪتاب ‘ارشاد النحو’ جي شرح تي لکيل آهي. هن قلمي نسخي تي غلطيءَ سان ‘بالمفتاح’ لکيل آهي ۽ شارح جو نالو به ڄاڻايل نه آهي، جڏهن ته ‘تذڪره علماءِ هند’ جو مصنف رحمن علي ‘ارشاد النحو’ جو شرح وجھ الدين علوي ڄاڻايو آهي، جنهن مان ثابت ٿيو ته هن شرح جو شارح وجھ الدين علوي آهي.
هي ڪتاب خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي، جڏهن ته ڪاتب ۽ ڪتابت جو سن ڄاڻايل نه آهي. هن ۾ ڪل 265 صفحا آهن ۽ هر صفحي تي 21 سٽون آهن. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو